ڪراچي: انٽر بئنڪ ۾ روپئي جي مقابلي ۾ ڊالر جي قيمت ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي.ملڪ ۾ آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي، گذريل ڏينهن به روپئي جي مقابلي ۾ ڊالر 4.61 پئسا مهانگو ٿي 266.11 روپين تي بند ٿيو.اڄ خميس ڏينهن ڪاروبار جي شروعات تي ڊالر جي قيمت ۾ هڪ روپيو 89 پئسا واڌ ٿي، جنهن سان ڊالر 268 روپين جو ٿي ويو.ڪاروبار دوران ڊالر جي قيمت ۾ تيزي سان واڌ ٿيڻ لڳي ۽ ڊالر 18 روپيه 99 پئسا مهانگو ٿي 285 روپين جو ٿي ويو.