اوٻاوڙو شهر ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر اوٻاوڙو شاھ محمد بلوچ جو عوامي شڪايتن تي ٽائون آفيسر ۽ پرائس ڪنٽرول عملو ساڻ ڪري

اوٻاوڙو شهر ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر اوٻاوڙو شاھ محمد بلوچ جو عوامي شڪايتن تي ٽائون آفيسر ۽ پرائس ڪنٽرول عملو ساڻ ڪري شهر جي مارڪيٽ جو اوچتو دورو ڪيو کاڌي پيتي جي شين جي اگهن جو جائزو ورتو جنهن دوران وڌيڪ اگهه تي عام واهپي جون شيون وڪرو ڪندڙ ناجائز منافع هٿرادو مهنگائي ڪندڙ دڪاندارن تي ست هزار ڏنڊ وڌو ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر اوٻاوڙو شاھ محمد بلوچ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڊي سي گهوٽڪي آغا شير زمان صاحب طرفان ناجائز منافع خورن خلاف سخت احڪامات جاري ٿيل آهن ريٽ لسٽ تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو ويندو هٿرادو مهنگائي ڪندڙ منافع خورن کي ڪنهن به صورت بخش نه ڪيو ويندو هر صورت ۾ عوام کي ريليف فراهم ڪيو ويندو منهجي آفيس جا دروازا هر وقت عوام لاءِ کليل آهن ڪنهن سان به ناجائزي ٿئي ته مون کي آگاهه ڪن ناجائزي ڪندڙن خلاف فلفور سخت قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي انهن وڌيڪ ٽائون آفيسر عاشق علي ڪلهوڙو کي هدايت جاري ڪئي ته دوڪارندارن کي بازار جي ڏنل حد تي سامان رکڻ جو پابند بڻايو وڃي ٻي صورت انهن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي غيرقانوني حدخيليون برداشت ڪون ڪيون وينديون