اوٻاوڙو لڳ مريدشاخ ڀرسان کنڀڙا ٿاڻي جي حد کنڀڙا پوليس جي پڪٽ نمبر هڪ تي ڏوهارين جو حملو ڪري فائرنگ ڪئي

اوٻاوڙو لڳ مريدشاخ ڀرسان کنڀڙا ٿاڻي جي حد کنڀڙا پوليس جي پڪٽ نمبر هڪ تي ڏوهارين جو حملو ڪري فائرنگ ڪئي ۽ حملي دوران پوليس جي جوابي فائرنگ م 3 ڏوهاري مارجي ويا جنهن جي لاشن کي اوٻاوڙو تعلقي اسپتال منتقل ڪيو ويو ۽ جڏهن ته 2 ڏوهاري زخمي ٿيڻ جا اطلاع به آهن جيڪي فرار ٿي ويا آهن جنهن جي پيڇو ڪرڻ لاءِ پوليس جي وڏي نفري رواني ٿي وئي آهي ۽ هوڏانهن مارجي ويل ٽنهي ڏوهارين جي سڃاڻپ خانو سيلرو بدلو ڪوش ڦلو سيلرو طور ٿئي آهي هوڏانهن مقابلي ۾ حصو وٺندڙ پوليس اهلڪارن لاءِ ايس ايس پي گھوٽڪي تنوير احمد تنيو نقد انعام ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪيو آهي