تفصيل موجب اوٻاوڙو لڳ پير عزيزڪرماني وٽ قومي شاهراه تي تيز رفتار ٽالر جو موٽر سائيڪل سان زوردار ٽڪر ٿي پيو جنھن جي نتيجي ۾ مٽرڪوٽ جو رھواسي موٽر سائيڪل سوار نوجوان احمد علي ڪوري ٽرالر هيٺان اچي موقعي تي چيڀاٽجي فوت ٿي ويو جڏهن ته ٻه نوجوان سخت زخمي ٿي پيا اطلاع تي اوٻاوڙو پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي فوتي جو لاش ۽ زخمين کي کڻائي تعلقه اسپتال اوٻاوڙو پھچايو جتي زخمين کي فرسٽ ڏني وئي فوتي نوجوان جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي جڏهن ته لاش اباڻي ڳوٺ مٽرڪوٽ پهچڻ تي گھر ۾ روڄ راڙو مچي ويو جڏهن ته اهڙي واقعي بعد ٽرالر ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو آهي ٽرالر کي پوليس پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڏيو آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو