اوٻاوڙو پوليس ۽ ڏهارين وچ ۾ رات جو دير سان مبينا مقابلو ٿي پيو پوليس مقابلي دوران 2 ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوا ڪئي، زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل ڏوهارين جي سڃاڻپ شبو عرف شهباز شر ۽ حنيف رند طور ٿي آهي ان حوالي سان اوٻاوڙو پوليس جو چوڻ آهي ته زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل ڏوهاري مسوواه تي ڏوھ جي ارادي سان بيٺل هيا پوليس کي ڏسندي ئي پوليس مٿان فائرنگ ڪري ڏني ۽ پولیس به پنهنجي بچاءُ لاءِ جوابي فائرنگ ڪئي ته ٻه ڏوهاري زخمي ٿي پيا ۽ 4 ڏوهاري اونڌاهي جو فائدو وٺندي فرار ٿي ويا جن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن ۽ جڏهن ته زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل ڏوهارين کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جتي انهن کي طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي,