اوٻاوڙو ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ، صحافي محمد بچل گهنجو گوليون لڳڻ سبب قتل

اوٻاوڙو ڀرسان ڪچي واري علائقي رانوتي ٻيلو ۾  گهر کان پنهجي فصل کي ڏسڻ لاء ويل صحافي محمد بچل گهنجو تي هٿياربندن فائرنگ ڪري گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي واقعي بعد هٿياربندن فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا آهن جڏهن ته اهڙو اطلاع ملڻ تي رانوتي پوليس واقعي واري هنڌ رواني ٿي وئي آهي. پوليس موجب هٿياربند صحافي بچل گهنجو کي قتل ڪرڻ کان پوءِ فرار ٿي ويا آهن. صحافي جي لاش کي اوٻاوڙو اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، پوليس موجب حملي وقت صحافي بچل گهنجو پنهنجي زمين تي ويل هو، واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي. صحافي جي قتل خلاف سندس وارثن ميرپورماٿيلو ۾ ايس ايس پي آفيس جي ٻاهران احتجاج ڪيو ۽ جوابدارن جي فوري گرفتاري جو به مطالبو ڪيو. سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ گهوٽڪي ۾ صحافي بچل گهنجو جي قتل جي مذمت ڪندي چيو آهي ته بچل گهنجو جو قتل اظهار تي آزادي تي حملو آهي. شرجيل ميمڻ چيو ته صحافي جي قتل ۾ ملوث ماڻهن کي جلد قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.