گھوٽڪي ضلعو ھڪ دفعو ٻيهر اغوا انڊسٽري بڻجي وئي،امن امان جي صورتحال خراب 2 نوجوان اوٻاوڙو ڀرسان اغوا علائقي ۾ خوف حراس پکڙيل، نئون آيل ايس ايس پي گهوٽڪي به ٻوٽو نه ٻاري سگهيو. رپورٽ موجب اوٻاوڙو نيشنل پريس ڪلب تي سپيا برادري جي سوين ماڻهن عبدالمجيد سپيو، حاجي خان سپيو، قاري رفيق احمد سپيو، مولانا ساجد قاسمي ۽ ٻين نوجوانن جي اغوا خلاف نيشنل پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي انهن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جا نوجوان محمد حنيف سپيو محمد اسلام سپيو کي رات دير سان اغوا ڪيو ويو آهي جنھن جو اسان اوٻاوڙو ٿاڻي تي ڏنو پر پوليس ڪجهه به نٿي ڪري ڌاڙيلن پاران نوجوانن جي بازيابي لاءِ هڪ ڪروڙ ڀنگ طلب ڪئي وئي آهي اسان غريب مسڪين آهيون هڪ ڪروڙ ڪٿان آڻيون. اسان مزدوري ڪري گهر جو سفر گذر ڪندا آهيون. مظاهرين ايس ايس پي گهوٽڪي ڊي آئي جي سکر آئي جي سنڌ وزير اعلي سنڌ کان اپيل ڪئي آهي ته اسان جي نوجوانن کي 48 ڪلاڪن اندر بازياب ڪرايو وڃي نه ته اسان قومي شاهراهه بند ڪندا سين ضلعي گهوٽڪي ۾ پوليس جو ڪو به حال نه آهي پوليس وڏيرن جي بنگلن تي نوڪري ڪرڻ ۾ پوري آهي هتي قانون نالي ڪابه شيءَ نه آهي گهوٽڪي ۾ ڌاڙيل راڄ قائم آهي، حڪومت کي گهرجي ته امن امان جي صورتحال بحال ڪرائي هتي شام جو ماڻهو گهر کان ٻاهر نٿا نڪري سگهن اسان جي گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي گهرن ۾ سوڳ واري صورتحال آهي اسان جي نوجوانن کي بازياب ڪرايو وڃي.