اوٻاوڙو : ۾ حساس ادارن جي اطلاع تي اسسٽنٽ ڪمشنر اوٻاوڙو جي وڏي ڪاروائي قومي شاھراھ نزد الرحمت پيٽرول پمپ ڀرسان نجي سيڊ ڪمپني جي گودام مان لڳ ڀڳ 27 ڪروڙ روپين جي ماليت

تفصيل موجب حساس ڳجهن ادارن جي نشاندھي تي اسسٽنٽ ڪمشنر اوٻاوڙو ماجد حميد شيخ ڪاروائي ڪندي نجي سيڊ ڪمپني جي گودام تي ڇاپو ھڻندي غير قانوني طور ذخيرو ٿيل ڪڻڪ جون ھزارين ٻوريون برآمد ڪيو آهن اسسٽنٽ ڪمشنر اوٻاوڙو ماجد حميد شيخ مطابق غير قانوني ذخيرو ٿيل ڪڻڪ جي ماليت 27 ڪروڙ روپين جي لڳ ڀڳ آهي، اسسٽنٽ ڪمشنر اوٻاوڙو مطابق نجي سيڊ ڪمپني مدي خارج لائسنس تي ڪڻڪ جو ذخيرو گڏ ڪري رکيو ھيو جنھن سان ملڪي خزاني جو ڪروڙين روپين جو نقصان ٿي رھيو ھيو اسسٽنٽ ڪمشنر اوٻاوڙو جو وڌيڪ چوڻ ھيو ته ذخيرا اندوز مافيا ناسور آھن جن خلاف رات ڏينھن ڪاروائيون ڪيون وينديون ۽ ڪنھن کي به بخش نه ڪيو ويندو