اوپن مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ملهه ۾ رڪارڊ لاٿ

ڪراچي : اوپن مارڪيٽ ۾ پاڪستاني روپئي جي قيمت ۾ اوچتو واڌ ٿي وئي. آمريڪي ڊالر جي قيمت 16 روپيه گهٽ ٿيڻ کان پوءِ ڊگهي وقت کان پوءِ 300 روپين کان گهٽ ٿي ويو.اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت پاڪستاني روپئي جي مقابلي ۾ 16 روپيه جي وڏي لاٿ ٿي وئي آهي جنهن کان پوءِ آمريڪي ڊالر 311 مان گهٽ ٿي ڊگهي وقت کان پوءِ 300 کان گهٽ ٿي ويو آهي. ڊالر جي قيمت هن وقت 295 روپيه ٿي وئي آهي.انٽر بينڪ ۾ به آمريڪي ڊالر 47 پئسا سستو ٿي 285 روپين جو ٿي ويو. ياد رهي ته انٽربينڪ ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ 25 روپين کان وڌيڪ جو فرق هو جيڪو گهٽ ٿي هاڻ 15 روپين تي اچي ويو آهي.ڪرنسي ڊيلرز موجب اسٽيٽ بينڪ طرفان ڪريڊٽ ڪارڊ جي ادائگي لاءِ انٽربينڪ مان خريداري جي اجازت ڏيڻ کان پوءِ ڊالر جي ملهه ۾ لاٿ ٿي آهي.