اوگرا ايل اين جي جا اگهه وڌائي ڇڏيا

آئل اينڊ گئس ريگوليٽري اٿارٽي (اوگرا) پهرين آڪٽوبر کان اين اين جي جي قيمت ۾ 0.51 ڊالر في ايم بي ٽي تائين واڌ ڪري ڇڏي اوگرا واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو جنهن موجب، سوئي ناردرن جي سسٽم تي ايل اين جي 0.50 ڊالر ۽ سوئي سدرن سسٽم تي ايل اين جي جي قيمت ۾ 0.51 ڊالر في ايم ايم ي ٽي يو اضافو ڪيو ويو آهي تازي اضافي کانپوءِ سوئي ناردن سسٽم تي ايل اين جي جي نئين قيمت 13.33 ڊالر ۽ سوئي سدرن واري سسٽم تي ايل اين جي جي نئين قيمت 13.87 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪئي وئي آهي اهرن موجب، ايل اين جي جي قيمت ۾ واڌ فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي صورت ۾ بجلي مهانگي ٿيڻ جو سبب بڻجندي.