اوگرا ايل اين جي جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪري ڇڏي

اوگرا ايل اين جي جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪري ڇڏي تفصيل موجب اوگرا آگسٽ لاءِ ايل اين جي جي قيمتن ۾ نئين گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ايل اين جي جي قيمت ۾ 17 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو تائين گهٽتائي ڪئي وئي آهي. سوئي ناردرن سسٽم تي ايل اين جي جي نئين قيمت 12.48 ڊالر في ايم ايم بي ٽي مقرر ڪئي وئي آهي جڏهن ته سوئي سدرن سسٽم تي ايل اين جي جي نئين قيمت 12.96 ڊالر في ايم ايم بي ٽي مقرر ڪئي وئي آهي سوئي ناردرن سسٽم تي ايل اين جي جي قيمتن ۾ آمريڪي ڊالر 0.16 ايم ايم بي ٽي يو جي گهٽتائي جو اعلان ڪيو ويو. ٻئي طرف بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ وڌيڪ واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب سيپٽمبر کان ڊسمبر تائين فيول ايڊجسٽمينٽ سبب بجلي 4 رپيا 37 پئسا في يونٽ مهانگي ٿي سگهي ٿي تفصيل موجب وفاقي حڪومت آءِ ايم ايف سان معاهدي تحت هلندڙ مالي سال دوران بجلي صارفين کان 721 ارب رپيا اضافي وصول ڪرڻ جي حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي جنهن موجب بجلي جي قيمتن ۾ واڌ ۽ ريوالونگ ڪريڊٽ گهٽائڻ جو منصوبو آءِ ايم ايف سان شيئر ڪيو ويو آهي. بجلي جي قيمتن ۾ ٽه ماهي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ان واڌ مان 39 ارب رپيا آمدني ٿيڻ جو امڪان آهي. ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب منصوبي تحت هلندڙ مالي سال ۾ بجلي صارفين کان 721 ارب رپيا اضافي وصول ڪرڻ جو منصوبو آهي. سيپٽمبر تائين بجلي جي اگهن ۾ هڪ رپيو 25 پئسا في يونٽ واڌ ڪئي ويندي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ سيپٽمبر کان ڊسمبر تائين بجلي 4 رپيا 37 پئسا في يونٽ مهانگي ٿيڻ جو امڪان آهي. ڊسمبر تائين فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي جي اگهن ۾ واڌ سان 122 ارب رپيا وصول ڪيا ويندا، بجلي جي اگهن ۾ 5 رپيا 75 پيسا واڌ سان سالياني ريبيسنگ جي مد ۾ 560 ارب رپيا وصول ڪيا ويندا، وصول ڪيل رقم استعمال ڪئي ويندي. توانائي جي شعبي جي گردشي قرضن کي گھٽايو.