ايراني صدر ابراهيم رئيسي پاڪستان جي ٽن ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد پهچي ويو

ايران جو صدر ابراهيم رئيسي پاڪستان جي 3 ڏينهن جي دوري تي اڄ اسلام آباد پهچي ويو آهي. 2017 کان پوءِ ڪنهن ايراني صدر جو اهو پاڪستان جو پهريون دورو آهي.ايراني صدر سان گڏ سندس گهر واري کان علاوه اعليٰ سطحي وفد به پاڪستان پهتو آهي. وفد ۾ ايراني پرڏيهي وزير، ڪابينه جا ٻيا ميمبر، اعليٰ اختياريون ۽ واپاري به شامل آهن ايران جي صدر ابراهيم رئيسي جو استقبال وفاقي وزير رياض پيرزاده ڪيو. پرڏيهي وزارت جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ موجب پنهنجي دوري جي دوران ايراني صدر ابراهيم رئيسي پاڪستاني هم منصب صدر  آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف سان اهم ملاقات ڪندو. ايراني صدر سينيٽ چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سان به ملاقات ڪندو. جڏهن ته لاهور ۽ ڪراچي جو به دورو ڪندو جتي هو صوبائي قيادت سان ملاقاتون ڪندو.