فلسطين جو اڳوڻو وزيراعظم ۽ حماس جو سربراهه اسماعيل هنيه ايران ۾ اسرائيل جي قاتلاڻي حملي ۾ شهيد ٿي ويو. حماس ان جي موت جي تصديق ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته اسماعيل بنيه کي يهودي ايجنٽن نشانو بنايو جنهن جو بدلو ورتو ويندو. ايراني ميڊيا موجب فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جي سربراهه اسماعيل هنيه تي تهران ۾ ان جي رهائشگاهه تي حملو ڪيو ويو هو ايران جي نئين صدر مسعود پزشڪيان جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت لاءِ ايران ۾ موجود هو. مسعود پزشڪيان جي حلف برداري تقريب ۾ 80 کان وڌيڪ ملڪن جي نمائندن شرڪت ڪئي هئي عالمي ميڊيا موجب ايران جي پاسداران انقلاب ۽ حماس اسماعيل هنيه جي شهادت جو ذميوار اسرائيل کي قرار ڏنو آهي پر اسرائيل طرفان اڃان تائين ان جي ترديد يا تصديق نه ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته اسرائيل ڪيترائي ڀيرا حماس جي سربراهه اسماعيل بنيه سميت اهم اڳواڻن کي دنيا جي ڪنهن به خطي ۾ نشانو بنائي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي چڪو آهي پر اسرائيلي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته مقامي وقت موجب رات 2 وڳي تهران جي قلب ۾ انهي هنڌ تي ميزائل فائر ڪي ويو هو جتي اسماعيل هنيه پنهنجي محافظ سميت ترسيل هو.حماس به پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي ان جي شهادت جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. کيس ايران ۾ سندس ترسڻ واري جڳهه تي نشانو بنايو ويو حملي ۾ ان جو محافظ به شهيد ٿي ويو. اسماعيل هنه حماس جي سياسي ونگ جو سربراهه هو، ايراني پاسداران انقلاب به ان جي شهادت جي تديق ڪري ڇڏي آهي. ايراني خبرون ڏيندڙ ذريعن موجب کيس يهودي ايجنٽن نشانو بنايو ان تي حملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ايراني اختيارين چيو آهي ته اسماعيل هانيه تي قاتلاڻي هملي جي جاچ جلد سامهون آندي ويندي.اسماعيل هانيه 1962ع ۾ غزه جي شهر مغرب ۾ شطي پناهگيرن جي ڪيمپ ۾ پيدا ٿيو هو. غزه جنگ جي دوران اسماعيل هانيه جي خاندان جا ڪافي ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن. ٻئي پاسي فلسطيني مزاحمتي تنظيم واقعي تي رد عمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسماعيل بنيه جي قتل ۾ ملوث ماڻهن کي سزا ڏني ويندي اسماعيل بنيه جي قتل جو ذميوار اسرائيل آهي سندس قتل سان حالتون وڌيڪ ڇڪتاڻ واريون ٿينديون. عالمي ميڊيا موجب حماس جي سربراهه جي شهادت جي اطلاع کان پوءِ فلسطين جي والاريل علائقن، غزه ۽ مغربي ڪناري ۾ شديد چڪرين جا اطلاع آهن.