ايران: تفتان ۾ جيش العدل جو حملو، 10 سيڪيورٽي اهلڪار مارجي ويا

ايران جي گهرو وزارت جو چوڻ آهي ته واقعو ايراني سرحد سيستان بلوچستان جي علائقي گوهر ڪوهه ۾ پيش آيو، هٿياربندن پوليس جي پيٽرولنگ يونٽ تي حملو ڪيو، ايران جي گهرو وزير اسڪندر مومني ان کي دهشتگرد حملو قرار ڏيندي فوري جاچ جو حڪم ڏنو آهي واضح رهي ته دهشتگرد گروپ جيش العدل پنهنجي ٽيليگرام چينل تي حملي جي ذميواري قبولي ورتي آهي ۽ چيو آهي ته تفتان شهر جي گوهرڪو ۾ هڪ گشتي يونٽ کي نشانو بڻايو ويو آهي ياد رهي ته تفتان شهر سيستان ۽ بلوچستان جي شهرن مان هڪ آهي ۽ ان جو مرڪز نوڪ آباد آهي.