ايران جي حملي جو خطرو، اسرائيل طرفان ’ڀرپور طاقت‘ سان جواب ڏيڻ جي ڌمڪي

تل ابيب: اسرائيلي وزير دفاع جي تازي بيان خطي ۾ ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ اڳ ۾ ئي جاري تڪرار ۽ كشیدگي ۾ وڌيڪ واڌ جا خدشا پيدا ڪري ڇڏيا آهن، جنهن سبب سڄي وچ اوڀر ۾ صورتحال انتهائي خراب ٿيندي پئي نظر اچي.

اسسرائيلي حڪومت خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ايران يا ان جا اتحادي ڪنهن به قسم جو جارحاڻو قدم کڻندا، ته کين سخت ۽ مڪمل طاق�� سان جواب ڏنو ويندو، جنهن جا تباهي ڪندڙ نتيجا نڪري سگهن ٿا.

هن بيان کانپوءِ بين الاقوامي برادري ۾ سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو پيو وڃي، ۽ عالمي اڳواڻن طرفان ٻنهي ملڪن کي تحمل جو مظاهرو ڪرڻ جي اپيل ڪئي پئي وڃي ته جيئن وڏي جنگ کي روڪي سگهجي.