ايران خلاف جارحاڻي ڪارروائي ۾ حصو نه وٺنداسين: آمريڪي صدر اسرائيلي وزيراعظم کي واضح ڪري ڇڏيو

سي اين اين موجب وائيٽ هائوس جي اعليٰ عملدارن جو چوڻ آهي ته آمريڪي صدر جوبائيڊن نيتن ياهو کي چيو ته آمريڪا ايران خلاف جارحاڻي ڪارروائي ۾ حصو نه وٺندو ۽ اسرائيلي وزيراعظم کي فون ڪري سهڪار نه ڪندو، صدر ايراني حملن جي مذمت ڪئي. صدر بائيڊن چيو ته آمريڪا جي مدد سان اسرائيل تي فائر ڪيل تقريبن سمورا ايراني ڊرون ۽ ميزائل ڪيرايا ويا آهن، گذريل ڪجهه ڪلاڪن ۾ ٻه ٽيليفونڪ رابطا ٿيا آهن ايران سان ٽڪراءُ آهي، پر اسان اسرائيل جي بچاءَ ۽ پنهنجي فوج جي حفاظت لاءِ ڪم ڪرڻ کان نه هٻڪنداسين ۽ ايراني ميڊيا موجب ڪيترن ئي ميزائلن کي نشانو بڻايو، جڏهن ته اسرائيل ۽ آمريڪا جو چوڻ آهي ته اڪثر ايران طرفان فائر ڪيل ميزائل کي ڪيرائي ڇڏيو.