ايران ٻيهر حملو ڪيو ته اسرائيل کي جوابي ڪارروائي کان نٿا روڪي سگهون: آمريڪا جي وارننگ

آمريڪا ايران کي خبردار ڪندي چيو آهي ته ايران اسرائيل تي  هڪ ٻيو حملو نه ڪري. آمريڪي اختيارين صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته ايران اسرائيل تي حملو ڪيو ته اسرائيل کي جوابي ڪارروائي کان نٿا روڪي سگهون.آمريڪي ميڊيا ڪجهه ڏينهن اڳ خبر ڏني هئي ته ايران 5 نومبر تي ٿيندڙ آمريڪي صدارتي چونڊن کان اڳ اسرائيل تي حملو ڪري سگهي ٿو.گذريل ڏينهن به ايراني سپريم اڳواڻ آيت الله خامنائي چيو هو ته ايران جي خلاف قدم کڻڻ تي آمريڪا ۽ اسرائيل کي سخت کان سخت جواب ڏنو ويندو.تهران ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته آمريڪا ۽ اسرائيلي حڪومت سميت دشمنن کي انهي ڳالهه جي خبر هجڻ گهرجي ته هو ايران ۽ مزاحمتي محاذ جي خلاف جيڪو ڪجهه ڪندا انهي جو کين منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو. ٻئي طرف اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو دعويٰ ڪئي هئي ته ايران تي تازن حملن کان پوءِ هاڻ ايران ۾ ڪنهن به حدف کي نشانو بنائڻ ممڪن ٿي ويو آهي.