ايس ايس پي ڪشمور ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ء سابق وفاقي وزير احسان الرحمن مزاري ٻيھر ڌرڻي واري ھنڌ پھچي مظاھرين سان ڳالهيون ڪيون ڳالهين جي دوران مظاھرين شيم شيم جا نعرا ھڻندا رھيا ڪشمور م لڳل ڌرڻو پنج ڏينهن بعد ختم ڪيو ويو مظاھرين کي خاطري ڪرائي وئي ته 48 ڪلاڪن اندر ساگر ڪمار کي بازياب ڪرائي وارثن جي حوالي ڪيو ويندو ايس ايس پي ڪشمور امجد احمد شيخ جو ڌرڻي کي خطاب ڌرڻي دوران پنج ڏينهن بيٺل گاڏيون ٽريفڪ بند ھجڻ ڪري مسافر سخت پريشاني م مبتلا رھيا ڪشمور جو مکي نريش ڪمار پاران ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو ھوڏانھن زريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته مکي نريش ڪمار کي بنگلي تي گھرائي ڌرڻو ختم ڪرڻ جو زور ڀريو ويو ڌرڻي م لڳل شامانا تنبو مالڪ اچي شامانا پٽڻ لڳو تمام مغوين کي جلد بازياب ڪرايو ويندو . ايس ايس پي ڪشمور امجد احمد شيخ سابق وفاقي وزير احسان الرحمان مزاري ڪمشنر لاڙڪانه گهنور خان لغاري , ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور منور علي مٺياڻي , ڊي آئي جي لاڙڪانه عبدالحميد کوسو ايس ايس پي ڪشمور امجد احمد شيخ ڌرڻي واري هنڌ پهچي مغوين سان ڳالهيون ڪيون ڳالهين جي خاطري تي وارثن ۽ مکين پاران ڌرڻي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو . ان موقعي تي ايس ايس پي امجد احمد شيخ جو چوڻ هو ته گذريل رات اسان ٽي مغوي بازياب ڪرايا آهن ڪشمور ضلعي جا سمورا مغوي پنهنجن گهرن تائين پهچي ويندا .ان موقعي تي مکي نريش ڪمار ۽ مغوي وارثن آيل وفد کي مان ڏيندي لڳل ڌرڻي جي خاتمي جو اعلان ڪيو. ڌرڻي جي خاتمي جي اعلان بعد سنڌ پنجاب ۽ بلوچستان پنجن ڏينهن کان رڪيل ٽريفڪ پنهنجي پنهنجي منزل ڏانهن روان دوان ٿي ويا