ايس ايڇ او ابراهيم سومري خلاف جاچ شروع، ڊي ايس پي ڀريا کي 5 ڏينهن ۾ رپورٽ ڏيڻ جو حڪم

نوشهروفيروز : ايس ايس پي نوشھرو فيروز صدام حسين خاصخيلي محرابپور ۾ سٽيزن رائيٽس ڪاميٽي جي ميمبرن ۽ صحافين خلاف ڪوڙن ڪيسن ۽ پوليس گردي جو سخت نوٽيس وٺندي ڊي ايس پي ڀريا فهد ارشد مغل کي 5 ڏينهن ۾ انڪوائري ڪري رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي. هن اهڙو حڪم سينئر صحافين جي وفد سان تفصيلي ملاقات ۾ ڏنا. وفد ۾ ساهتي آواز جو ايڊيٽر ۽ CRC جو ڪنوينر اخلاق جوکيو، نوشهروفيروز يونين آف جرنلسٽ جو ضلعي صدر زاهد قائمخاني ۽ سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل جو ضلعي صدر ظفر اعواڻ، راڻا ستار راجپوت، خالد گهانگهرو ۽ سليم ميمڻ شامل هئا. ملاقات ۾ وفد ايس ايڇ او ابراهيم سومري جي لاقانونيت جا تفصيل ڄاڻائيندي موقف اختيار ڪيو تہ ايس ايڇ او ابراهيم سومرو هڪ نفسياتي مريض، ڏوهاري ذهنيت، فضيلت کان عاري ۽ پئسي جو پوڄاري ڪرپٽ آفيسر آهي، جنهن جي پاليسي ڏوهن کي ٻنجو ڏيڻ نہ پر ڏوهاري پيدا ڪرڻ آهي، سو هن کي فوري طور هٽائي ڪنهن ايماندار سينئر آفيسر کان سڄي مامري جي شفاف جاچ ڪرائي SHO خلاف محڪماتي ڪارروائي ڪئي وڃي، گڏوگڏ شفاف جاچ جي آڌار تي محرابپور ٿاڻي تي CRC جي ميمبرن تي داخل ڪوڙيون ايف آئي آرون نمبر