ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جو پيءُ لاڏاڻو ڪري ويو

حيدرآباد :  ايس ٽي پي چئيرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جو پيءُ جيئند مگسي دل جو دورو پوڻ سبب 85 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو. ڊاڪٽر قادر مگسي جي روپوشي واري وقت سندس والد جيئند مگسي  ڪافي وقت جيلن ۾ رهيو.ڊاڪٽر قادر مگسي جي والد جي جنازي نماز اڄ شام 7 وڳي ٺٽو شهر ۾ ادا ڪئي ويندي.  سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ٽي ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو آهي.سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ڄام عبدالفتاح سميجو، گلزار سومرو، حيدر ملاح، ڊاڪٽر سومار مڱريو، عاشق سولنگي، قادر چنا، امتياز سمون، نثار ڪيريو ۽ مرڪزي قيادت پاران ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي.مرحوم جيئند مگسي قومي تحريڪ ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي جي نه فقط حوصلا افزائي ڪندو رهيو پر هو رياستي دٻاءُ باوجود جھڪيو ڪونه ۽ ڪيترائي ڀيرا جيل پڻ ويو.  جيلن دوران به چاچا جيئند مگسي ڪارڪنن کي همٿ ڏياريندو رهيو ته اسان جيلن مان نڪري وينداسين اوهان همٿن سان پنهنجي مادر وطن جي حقن جي لاءِ آواز اٿاريندا رهجو.