قومي جاچ اداري (ايف آءِ اي) متحده عرب امارات جي راڄڌاني ابوظهبي ۾ ڪارروايون ڪندي سنگين ڏوهن ۾ گهربل 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. ميڊيا رپورٽن موجب ايف آءِ اي انٽرپول پاڪستان ڪارروائي ڪندي سنگين ڏوهن ۾ گهربل 3 جوابدارن کي ابوظهبي مان گرفتار ڪري ورتو، جن ۾ قمر عباس، مهتاب خان ۽ دوست علي شامل آهن ٻڌايو ويو آهي ته جوابدار قمر عباس گجرات پوليس کي گهربل هو، جوابدار مهتاب خان ۽ دوست علي بهاولنگر ۽ ڊيرا غازي خان پوليس کي گرفتار ڪيو ويو آهي، گرفتار جوابدارن خلاف قتل ۽ ڦر جي دفعات تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جنهن جي بنياد تي ايف آءِ اي اين سي بي انٽرپول پاڪستان کي گرفتار ڪيو آهي. جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ريڊ نوٽيس جاري ڪيا هئا، جنهن تي عملدرآمد کانپوءِ جوابدارن کي لاهور منتقل ڪيو ويو، جتان ايف آءِ اي اميگريشن جوابدارن کي لاڳاپيل پوليس اختيارين حوالي ڪري ڇڏيو ان حوالي سان ايف آءِ اي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي حوالگي انٽرپول اسلام آباد جي انٽرپول ابوظهبي سان ويجهي رابطا سبب ممڪن ٿي آهي، اين سي بي انٽرپول پاڪستان پرڏيهه فرار ٿيل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ قابل قدر خدمتون سرانجام ڏنيون، اين سي بي انٽرپول پاڪستان هميشه ڪوششون ڪندو رهيو آهي. مطلوب جوابدارن جي گرفتاري ۽ بروقت حوالگي اهڙي ئي هڪ ٻي ڪارروائي ۾ ايف آءِ اي انٽرپول جي مدد سان قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدار کي ڪويت مان گرفتار ڪري گجرات پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، نيشنل سينٽرل بيورو انٽرپول ڪارروائي ڪندي جوابدار کي ڪويت مان گرفتار ڪري ورتو، ايف آءِ اي اميگريشن اهلڪارن حوالي ڪري ڇڏيو. جوابدارن مٿان گجرات پوليس حوالي ڪيو ويو.