ايف بي آر لاءِ گاڏين جي خريداري فوري طور روڪي وڃي: سينيٽ ڪميٽي جي چيئرمين ناڻي واري وزير کي خط لکي ڇڏيو

 سينيٽ جي ناڻي بابت قائمه ڪميٽي جي چيئرمين سليم مانڊوي والا ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب کي ايف بي آر آفيسرن جي لاءِ نئين گاڏين جي خريداري روڪڻ لاءِ خط لکي ڇڏيو آهي. قائمه ڪميٽي جي چيئرمين ناڻي واري وزير کي لکيل خط ۾ چيو ته ايف بي آر طرفان 1010 گاڏيون خريد ڪرڻ تي سينيٽ ڪميٽي کي خدشا آهن، ڪميٽي ميمبرن گاڏين جي خريداري ۾ اوپن بڊنگ  نه ٿيڻ تي سخت خدشن جو پڻ اظهار ڪيو آهي. سليم مانڊوي والا خط ۾ چيو ته گاڏين جي خريداري جي عمل کي مس مينجمينٽ ۽ امڪاني بدنيتي سمجهيو ويو، گاڏين جي خريداري جي عمل ۾ شفافيت تي سمجهوتو ڪيو ويو، خريداري ۾ شفافيت کي يقيني بنائڻ بنيادي اصول آهي. ناڻي واري ڪميٽي جي چيئرمين خط ۾ چيو ته گاڏين جي خريداري جي بڊنگ پروسيس ۾ ٻين ڪمپنين کي به شموليت ملڻ گهرجي، انهي پروڪيورمنٽ پراسيس کي فوري روڪڻ جي لاءِ ناڻي وارو وزير ڪردار ادا ڪري. خط ۾مطالبو ڪيو ويو آهي ته اي جي پي آر کي جاري پرچيز آرڊر ڪينسل ڪيو وڃي ۽ گاڏين جي خريداري جي لاءِ رقم جي ادائيگي نه ڪئي وڃي. ناڻي واري وزارت ايف بي آر لاءِ گاڏين جي خريداري روڪڻ جي لاءِ هدايتون ڏئي، مالياتي صورتحال ۽ شفافيت کي برقرار نه رکڻ بدديانتي هوندي.