ايف بي آر ننڍن واپارين کي ٽيڪس کان ڇوٽ ڏيڻ تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو

فيڊرل بورڊ آف روينيو(ايف بي آر) موجوده ٽيڪس اسڪيم ۾ واپارين جي مرضي موجب تبديليون ڪرڻ جي لاءِ تيار ٿي ويو آهي. ايف بي آر جي ذريعن ٻڌايو آهي ته جيڪڏهن واپاري تيار هجن ته ترميمي نوٽ فوري طور تي جاري ڪري سگهجي ٿو، جنهن موجب ننڍن واپارين کي ٽيڪس کان ڇوٽ ڏني ويندي. انهي کان علاوه انڪم ٽيڪس گوشوارن جو فارم سادو ۽ آسان اردو زبان ۾ جاري ڪيو ويندو. 10 ڪروڙ روپيه ساليانه ٽرن اوورز تي سيلز ٽيڪس نه لڳائڻ جي تجويز به انهي ۾ شامل آهي. ذريعن موجب فيڊرل بورڊ آف روينيو طرفان واپارين جي لاءِ انڪم ٽيڪس ٽيبل ۾ به ترميم جو امڪان آهي.