واشنگٽن (سائنس ڊيسڪ): آمريڪي ارب پتي ايلون مسڪ جي ناليواري بايو ٽيڪ ڪمپني نيورلنڪ (Neuralink) کي انساني دماغ ۾ وائرليس چپ لڳائڻ واري تاريخي منصوبي جي ٻئي ۽ وسيع تر طبي ٽرائل جي باضابطه منظوري ملي وئي آهي.
آمريڪي فوڊ اينڊ ڊرگ ايڊمنسٽريشن (FDA) موجب نئين مرحلي ۾ معذور ۽ اڌ رنگ جي مرض ۾ مبتلا مريضن تي ڪامياب تجربا ڪيا ويندا، جنهن ذريعي مريض صرف پنهنجي سوچ ۽ خيالن سان ڪمپيوٽر، اسمارٽ فون ۽ روبوٽڪ هٿ پير هلا ئڻ جي قابل ٿي سگهندا.
طبي سائنسدانن هن ڪاميابيءَ کي ايندڙ صديءَ جو سڀ کان وڏو انقلاب قرار ڏيندي چيو آهي ته مستقبل ويجهو دماغ جي اعصابي بيمارين، نظر جي کوٽ ۽ فالج جو علاج مڪمل طور ممڪن بڻجي ويندو.