ممبئي ايئرپورٽ تي رنبيل ڪپور ۽ مداح عورت جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل

ممبئي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ): بالي ووڊ سپر اسٽار رنبيل ڪپور جي ممبئي ايئرپورٽ تان نڪرڻ دوران ورتل هڪ وڊيو انٽرنيٽ تي ڌم مچائي ڇڏي آهي، جتي هڪ عورت مداح پاران سيلفي ڪڍڻ جي مسلسل اصرار تي اداڪار جو صابر ۽ شائسته رويو ساراهيو پيو وڃي.

وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته سيڪيورٽي گهيري باوجود مداح عورت اوچتو ويجهو پهچي وئي، جنهن تي سيڪيورٽي عملي کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر رنبيل ڪپور انتهائي شائستگي سان کيس خوش آمديد چئي سيلفي ٺاهڻ جي اجازت ڏني.

سوشل ميڊيا صارفين ۽ مداحن بالي ووڊ اداڪار جي هن عاجزي، نرم مزاجي ۽ فينز سان پيار واري انداز کي زبردست داد ڏيندي وڊيو کي لکن جي تعداد ۾ شيئر ڪيو آهي.