لاهور وومين ڪاليج جا گباره ڀارتي رياست هماچل پرديش ڪيئن پهتا؟ وائرل راز فاش

لاهور (نيوز ڊيسڪ): لاهور جي ناليواري وومين ڪاليج جي سالياني اسپورٽس فيسٽيول دوران هوا ۾ ڇڏيل رنگين گباره سرحدون پار ڪري ڀارتي رياست هماچل پرديش جي جابلو علائقي ۾ وڃي پهتا آهن، جنهن جو وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي ويو آهي.

ڀارتي مقامي ماڻهن جڏهن جنگلن ۾ اڏامي ايندڙ انهن گبارن تي پاڪستاني ڪاليج جو مونوگرام ۽ مبارڪباد جا پيغام ڏٺا ته مقامي پوليس ۽ انٽيليجنس کي اطلاع ڏنو، جنهن کان پوءِ ڪلاڪن تائين خطي اندر سيڪيورٽي الرٽ رهيو.

ماهرن جو چوڻ آهي ته موسمياتي تبديليءَ ۽ اوچتو تيز هوائن جي وهڪري سبب هي گباره آسمان ۾ هزارين فوٽ مٿي چڙهي سرحد پار ڪري ويا. انٽرنيٽ تي واهپيدارن هن واقعي کي حيران ڪندڙ ۽ فطرت جو عجيب لقاءُ قرار ڏنو آهي.