اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري جي ڌيءَ وڪيل ايمان مزاري جو ٽن ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪيو ويو. دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ بغاوت ۽ دهشتگردي جي دفعات تحت داخل ڪيس ۾ ايمان مزاري کي پيش ڪيو ويو، پراسيڪيوٽر ايمان مزاري جي 10 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي عدالت 3 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪندي کيس 3 ڏينهن جي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي ايمان مزاري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هوءَ اڄ کان هن نظام خلاف بک هڙتال تي ويٺي آهي. مون کان هن وقت تائين پڇا ڳاڇا ناهي ڪئي وئي، ايمان مزاري الزام هنيو ته منهنجي شاعري جا ڪتاب به چوري ڪيا ويا آهن ايمان مزاري چيو ته جيل ۾ واش روم جي حالت به ٺيڪ ناهي، مون کي صحت جا مسئلا آهن. جڏهن ته جڊيشل ڪمپليڪس اسلام آباد ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري چيو ته منهنجي ڌيءَ کي سج ۾ ويهاريو ويو هو، جڏهن هو پوليس اسٽيشن پهتي ته هوءَ بي هوش ٿي وئي، کيس بند ڪيو ويو هن ٻڌايو ته منهنجي ڌيءَ کي صحت جو مسئلو آهي، جنهن تي هن کيس کائڻ کان منع ڪئي. شيرين مزاري اپيل ڪندي چيو ته عدالتون انساني حقن جو تحفظ ڪن، منهنجي ڌيءَ جي جان کي خطرو آهي. ياد رهي ته اسلام آباد پوليس گذريل ڏينهن اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري جي ڌيءَ ايمان مزاري کي گرفتار ڪيو هو. اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري پنهنجي بيان ۾ چيو ته عورت پوليس ۽ سادا ڪپڙا پهريل ماڻهو منهنجي ڌيءَ کي گڏ کڻي ويا، گهر ۾ صرف 2 عورتون هيون ۽ منهنجي ڌيءَ رات جي ڪپڙن ۾ هئي. هن آفيسرن کي چيو ته مون کي ڪپڙا تبديل ڪرڻ ڏيو پر هنن کيس ڇڪي ٻاهر ڪڍيو.