اسلام آباد:هاءِ ڪورٽ عدالت کي آگاهه ڪرڻ کان سواءِ ايمان مزاري کي ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهيايمان مزاري جي ڪيسن جا تفصيل ڏيڻ ۽ حفاظتي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب حڪم جاري ڪندي درخواست اُڪلائي ڇڏي هاءِ ڪورٽ هدايت ڪئي ته ڪنهن به ڳجهي ايف آءِ آر ۾ گرفتاري کان اڳ عدالت کي آگاهه ڪيو وڃي ايڊيشنل اٽارني جنرل منور اقبال دوگل چيو ته اسان صوبن کي گذريل ٻڌڻي کان پوءِ لکي ڇڏيو هو ۽ ڪيسن جا تفصيل ڏيڻ لاءِ صوبن کي فيڪس ۽ واٽس ايپ به ڪري ڇڏيو آهي. پٽيشنر کي اهڙا بيان نه ڏيڻ گهرجن عدالت ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا ته ڪيس اُڪلائي رهيا آهيون ڪابه ايف آءِ آر آهي ته اوهان عدالت کي آگاهه ڪندو