ايمان مزاري ۽ علي وزير جو ٽن ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪيو ويو. تفصيل موجب ايمان مزاري ۽ علي وزير کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ داخل ڪيس ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، پراسيڪيوٽر پاران ايمان مزاري ۽ علي وزير جي 10 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي وئي عدالت ٻنهي کي ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو. دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ابو الحسنات محمد ذوالقرنين ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو. ياد رهي ته اسلام آباد پوليس گذريل ڏينهن اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري جي ڌيءَ ايمان مزاري کي گرفتار ڪيو هو اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري پنهنجي بيان ۾ چيو ته عورت پوليس ۽ سادا ڪپڙا پهريل ماڻهو منهنجي ڌيءَ کي گڏ کڻي ويا، گهر ۾ صرف 2 عورتون هيون ۽ منهنجي ڌيءَ رات جي ڪپڙن ۾ هئي هن آفيسرن کي چيو ته مون کي ڪپڙا تبديل ڪرڻ ڏيو پر هنن کيس ڇڪي ٻاهر ڪڍيو. شيرين مزاري چيو ته جڏهن اهلڪارن جا وارنٽ گهريا ويا ته اهي ظاهر نه ٿيا، آفيسرن سڄي گهر جو گهيراءُ ڪيو، هي يقينن وارنٽ يا ڪو قانوني طريقو نه پر رياستي فاشزم آهي ۽ اهو هڪ قسم جو اغوا آهي. جڏهن ته ترنول پوليس اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري جي ڌيءَ ايمان مزاري جي گرفتاري جي تصديق ڪري ڇڏي آهي ايمان مزاري جمعي تي تنظيمي اجلاس ۾ ملڪي ادارن خلاف تقرير ڪئي هئي جنهن تي مٿس دهشتگردي جي الزامن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو هو. جڏهن ته ان کان اڳ به شيرين مزاري کي 5 ڀيرا گرفتار ڪيو ويو هو، شيرين مزاري کي آزاد ڪرڻ جا حڪم مليا، پر پوليس کيس ٻيهر گرفتار ڪيو، جنهن کانپوءِ شيرين مزاري سياست ۽ تحريڪ انصاف ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، سندس گرفتاري به روڪي وئي ۽ هوءَ… گهر وڃڻ جي اجازت.