ايمباپي جي شاندار راند، فرانس سينيگال کي 1-3 تان شڪست ڏئي ڇڏي خبر:

فٽبال ورلڊ ڪپ 2026 جي گروپ اسٽيج جي گروپ آءِ جي هڪ دلچسپ ميچ ۾ فرانس سينيگال کي 1 جي مقابلي ۾ 3 گولن سان شڪست ڏئي ڇڏي.فرانس جي ڪپتان ۽ اسٽار فٽبالر Kylian Mbappé شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندي ٻه گول اسڪور ڪيا. ايمباپي پنهنجو پهريون گول ميچ جي 66هين منٽ ۾ ڪيو، جڏهن ته ٻيو گول انجري ٽائيم دوران اسڪور ڪيو. فرانس جي طرفان ٽيون گول بريڊي بارڪولا ڪيو.هن شاندار ڪارڪردگي سان ڪيلين ايمباپي فرانس جي قومي فٽبال ٽيم جي تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ گول ڪندڙ رانديگر بڻجي ويو آهي ۽ هڪ نئون رڪارڊ قائم ڪيو آهي۔