ايم ڪيو ايم پاڪستان(ن) ليگ سان روايتي سيٽن تي سيٽ ايڊجسٽمينٽ کان معذرت ڪري ورتي آهي ذريعن موجب ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم ۽(ن) ليگ جي اڳواڻن جي ملاقات ٿي جنهن ۾ عام چونڊن ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ ۽ صوبي ۾ سياسي اتحاد تي ڳالهيون ڪيون ويون ذريعن ٻڌايو آهي ته ايم ڪيو ايم(ن) ليگ سان ڪراچي ۾ متحده جي روايتي سيٽن تي سيٽ ايڊجسٽمينٽ کان معذرت ڪري ورتي آهي. جڏهن ته لياري، ڪياماڙي ۽ ملير جي ڪجهه تڪن تي سيٽ ايڊجسٽمينٽ جي لاءِ راضپو ظاهر ڪيو آهي حيدرآباد ۾ قومي اسيمبلي جي ٻنهي سيٽن تي ايم ڪيو ايم پنهنجو اميدوار آڻڻ تي زور ڏنو آهي جڏهن ته ميرپورخاص، نوابشاهه، سکر، لاڙڪاڻو ۽ ٽنڊوالهيار جي سيٽن تي ايم ڪيو ايم ڳالهين لاءِ راضي آهي (ن) ليگ جو موقف آهي ته جن سيٽن تي ايم ڪيو ايم کي 20 کان 25 هزار ووٽ مليا اتي اها (ن) ليگ کي سپورٽ ڪري ذريعن موجب اهڙين تجويزن کي ٻنهي پارٽي جي اڳواڻن آڏو رکيو ويندو جنهن کان پوءِ گڏيل صلاح مشوري کان پوءِ فيصلو ڪيو ويندو.