ايم ڪيو ايم پاڪستان ۾ اختلاف سامهون اچي ويا، اهم اڳواڻن پارٽي ڇڏڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

ايم ڪيو ايم پاڪستان ۾ هڪ دفعو ٻيهر اختلاف پيدا ٿي ويا آهن. اختلافن کان پوءِ ڪجهه اهم اڳواڻن پارٽي ڇڏڻ جي به ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي جڏهن ته ڇنڇر تي ڊاڪٽر فاروق ستار سان ٿيندڙ پريس ڪانفرنس به اوچتو ملتوي ڪئي وئي آهي ذريعن موجب ايم ڪيو ايم جو هڪ اهم اڳواڻ جيڪو ڪراچي ۾ اهم عهدي تي به رهي چڪو آهي ان جا ڪجهه اهم معاملن تي سخت خدشا آهن انهن جي پيپلز پارٽي جي هڪ اهم ترين عورت اڳواڻ سان ملاقات جي خبر به هلي رهي آهي ذريعن کان اها به خبر پئي آهي ته اهم اڳواڻن پنهنجن ڪجهه ساٿين سان گڏ پ پ ۾ شموليت جي به ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي. ڇنڇر تي رابطه ڪميٽي جي اجلاس ۾ پارٽي ۾ ٿيندڙ اختلافن تي سخت گرما گرمي جا به اشارا ملي رهيا آهن.