ريٽرننگ آفيسر مانسهره مان نوازشريف جي نامزدگي ڪاغذن تي داخل اعتراضن کي رد ڪري ڇڏيو آهي پي ٽي آءِ اڳواڻ اعظم سواتي اين اي 15 مانسهره تان نوازشريف جي نامزدگي ڪاغذن کي چيلينج ڪيو هو. اين اي 15 تان نوازشريف جي ڪاغذن تي اعتراض پي ٽي آءِ جي مقامي اڳواڻ شاهد رفيق ريٽرننگ آفيسر وٽ داخل ڪرايا درخواستگذار چيو ته نوازشريف کي سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بينچ تاحيات نااهل قرار ڏنو آهي ۽ لاڳاپيل ريٽرنگ آفيسر مجاز نه آهي ته اهو نوازشريف کي چونڊن جي لاءِ اهل قرار ڏئي ريٽرننگ آفيسر حاجره سميع نامزدگي ڪاغذن تي داخل اعتراضن تي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جي وڪيلن طرفان دليل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ فيصلو محفوظ ڪري ورتو. جنهن کان پوءِ ريٽرننگ آفيسر ڪجهه دير کان پوءِ فيصلو ٻڌائيندي پي ٽي آءِ جي اعتراضن کي رد ڪندي نوازشريف جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪري ورتا.