اين اي 242 تي نوازليگ سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ ناهي ٿي: ايم ڪيو ايم ترديد ڪري ڇڏي

ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪراچي جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 242 تان مسلم ليگ(ن) سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ جي ترديد ڪري ڇڏي آهي ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته اين اي 242 ڪراچي تي سيٽ ايڊجسٽمينٽ واري خبر جي ترديد ڪريون ٿا. اهڙي خبرن ۾ ڪابه سچائي نه آهي خالد مقبول صديقي وڌيڪ چيو ته اين اي 242 تان مصطفيٰ ڪمال ايم ڪيو ايم پاڪستان جو اميدوار آهي. ميڊيا ۾ ڪوڙيون خبرون هلايون ويون افواهن تي ڌيان نه ڏنو وڃي ياد رهي ته گذريل ڏينهن ميڊيا تي اها خبر سامهون آئي هئي ته اين اي 242 تان(ن) ليگ ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان وچ ۾ سيٽ ايڊجسٽمينٽ ٿي وئي آهي. مصطفيٰ ڪمال مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف جي لاءِ هٿ کڻي ويو آهي واضح رهي ته مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف اين اي 242 ڪراچيتان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي رکيا آهن ۽ انهن جي نامزدگي ڪاغذن جي خلاف پيپلز پارٽي جي اميدوار مسعود مندوخيل اپيل داخل ڪئي هئي جنهن کي اليڪشن ٽربيونل رد ڪري ڇڏيو هو.