اي ٽي سي عدالت اڳوڻي وفاقي وزير شيرين مزاري جي ڌيءَ ايمان مزاري کي 3 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج ابوالحسنات ايمان مزاري خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جنهن سلسلي ۾ پراسيڪيوٽر راجا نويد عدالت ۾ پيش ٿيو جڏهن ته ايمان مزاري طرفان زينب جنجوعه پيش ٿي ٻڌڻي دوران پراسيڪيوٽر راجا نويد دليل ڏيندي چيو ته ايمان مزاري جي خلاف باره کهو ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ٿيل آهي. مدعي ايمان مزاري مٿان نوجوانن کي ڀڙڪائڻ ۽ رياست جي خلاف ورغلائڻ جو الزام لڳايو. مدعي الزام لڳايو ته جڏهن هو ايمان مزاري جي پارٽي کان ڌار ٿيو ته ان کي ڌمڪيون مليون پراسيڪيوٽر راجا نويد ايمان مزاري جي جسماني ريمانڊ جي استدعا ڪئي جنهن جي وڪيل صفائي مخالفت ڪندي چيو ته جنهن ڏينهن ايمان کي ضمانت ملڻي هئي ان ڏينهن نئون ڪيس ٺاهيو ويو. هڪ ئي جڳهه تي ڪيئن 3 ڪيس داخل ٿي سگهن ٿا؟ پي ٽي ايم دهشتگرد پارٽي نه آهي جلسي لاءِ اين او سي ڏني وئي هئي. ايمان جي خلاف احمقاڻا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن هن چيو ته ايمان مزاري جي خلاف ڊرامو نظر اچي رهيو آهي هن ڪيس خلاف پراسيڪيوشن جو اصل مقصد ڪجهه ٻيو آهي ايمان مزاري جي وڪيلن ڪيس ڊسچارج ڪرڻ جي استدعا ڪئي. اي ٽي سي جج ابوالحسنات ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ ايمان مزاري جي جسماني ريمانڊ تي فيصلو محفوظ ڪيو جيڪو ڪجهه دير بعد ٻڌائيندي کيس 3 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو.