اٽڪ: مسلم ليگ(ن) ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۾ جهيڙو، پولنگ عمل عارضي طور معطل

قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 49 ۾ مسلم ليگ(ن) ۽ تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن ۾ جهيڙو ٿي پيو آهي اٽڪ جي گورنمنٽ بوائز هاءِ اسڪول بهانگي حضرو ۽ پولنگ اسٽيشن يوسي آفيس نارٽوپه جي پولنگ اسٽيشنن تي جهيڙي سبب پولنگ جو عمل عارضي طور تي روڪڻو پيو جهيڙو ڪندڙ مسلم ليگ(ن) ۽ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن کي پولنگ اسٽيشن کان ٻاهر ڪڍيو ويو. ٻنهي پولنگ اسٽيشنن تي تقريبن هڪ ڪلاڪ جي معطلي کان پوءِ پولنگ جو عمل ٻيهر شروع ڪيو ويو ٻئي طرف راولپنڊي جي علائقي سول لائين ۾ پوليس پي ٽي آءِ جو ڪيمپ پٽي ڇڏيو. پي ٽي آءِ اميدوار جو ڪيمپ پٽڻ جي خلاف آر او پي پي 19 کي درخواست جمع ڪرائي ڇڏي.