قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ عمر ايوب اسلام آٻاد ۾ مظاهرين تي ٿيل تشدد جي جوڊيشل انڪوائري ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.
پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب چيف جسٽس پاڪستان کان اسلام آباد ۾ مظاهرين تي تشدد جي جوڊيشل انڪوائري ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته ڊي چوڪ تي پرامن مظاهرين کي شهيد ڪيو ويو. انهي معاملي جي مڪمل جوڊيشل انڪوائري ڪرائي وڃي.
ڊي چوڪ تي آپريشن شروع ٿيڻ کان پوءِ پارٽي قيادت جي فرار ٿيڻ واري سوال تي عمر ايوب چيو ته مان علي امين گنڊاپور ۽ بشريٰ بي بي آخري لمحن تائين اسلام آباد ۾ موجود هئاسين پر اسنائپرز طرفان فائرنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ واپس وڃڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
ياد رهي ته 3 ڏينهن اڳ سيڪيورٽي فورسز اسلام آباد کي پي ٽي آءِ مظاهرين کان خالي ڪرائڻ جي لاءِ آپريشن ڪيو هو جنهن جي شروع ٿيندي ڪي پي ڪي جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور ۽ بشريٰ بي بي موقعي تان فرار ٿي ويا هئا ۽ ٻيا ڪارڪن به واپس روانا ٿي ويا هئا.