اڊيالا جيل مان 14 حوالاتين جي فرار واري واقعي جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي. اختيارين واقعي وقت ڊيوٽي تي موجود جيل گارڊ جي انچارج سميت 5 اهلڪارن کي حراست ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.ذريعن موجب حراست ۾ ورتل اهلڪارن جي موبائل فونن جو ڊيٽا ۽ ڪال رڪارڊ جاچيو پيو وڃي، جڏهن ته فرار ٿيل حوالاتين جي ڪهوٽا ڪچهري ۾ ٿيل ملاقاتن ۽ هٿڪڙين بابت به تفصيلي جاچ جاري آهي.ان کان علاوه قيدي وين تي مقرر اهلڪارن، سرڪاري هٿيارن جي استعمال ۽ سيڪيورٽي انتظامن جو به بارڪي سان جائزو ورتو پيو وڃي.جاچ دوران اهو به معلوم ڪيو پيو وڃي ته خطرناڪ حوالاتين کي عدالت منتقل ڪرڻ وقت مقرر ڪيل ايس او پيز تي عمل ڪيو ويو هو يا نه. ياد رهي ته گذريل شام 14 حوالاتي ڪهوٽا عدالت ۾ پيشي کان پوءِ سهالا ويجهو قيدي وين مان فرار ٿي ويا هئا.