اڊيالا جيل ۾ عمران خان ۽ شاهه محمود هڪٻئي کي گلي لڳائي عيد جون مبارڪون ڏنيون

اڊيالا جيل جي مرڪزي مسجد ۾ عيد الفطر جو وڏو اجتماع ٿيو، جنهن ۾ قيدين ۽ پوليس اهلڪارن شرڪت ڪئي. جيل ذريعن موجب پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ شاهه محمود قريشي عيد جي نماز اڊيالا جيل جي مسجد ۾ ادا ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته باني پي ٽي آءِ ۽ شاهه محمود قريشي هڪٻئي کي گلي لڳائي عيد جون مبارڪون ڏنيون. ان کان علاوه جيل آفيسرن پي ٽي آءِ جي باني سان گڏ عيد جي نماز ادا ڪئي جڏهن ته جيل ۾ نماز دوران سڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي