اسلام آباد: اڳوڻو سينيٽر انور بيگ لاڏاڻو ڪري ويو.انور بيگ جي جنازي نماز ڇنڇر ڏينهن ٻي پهري کانپوءِ ايڇ 8 قبرستان ۾ ادا ڪئي ويندي.انور بيگ پ پ ۽ ن ليگ جو به حصو رهيو، پ پ جي اڳوڻي دور ۾ هو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو چيئرمين به رهيو.انور بيگ جي لاڏاڻي تي مختلف سياسي ۽ سماجي شخصيتن افسوس جو اظهار ڪيو آهي.