اڳوڻو ڊائريڪٽر جنرل ايف آءِ اي(فيڊرل انويسٽيگيشن ايجنسي) بشير ميمڻ(ن) ليگ ۾ شامل ٿي ويو آهي مسلم ليگ(ن) جي چيف آرگنائيزر مريم نواز بشير ميمڻ کي اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي استقبال لاءِ سنڌ استقباليه ڪميٽي جو سربراهه مقرر ڪري ڇڏيو آهي. چيف آرگنائيزر 12 رڪني استقباليه ڪميٽي جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي استقباليه ڪميٽي ۾ محمد زبير، نهال هاشمي، کيئل داس ڪوهستاني شامل آهن. جڏهن ته شاهه محمد شاهه، علي اڪبر، ڊاڪٽر درشن، ڄام ڪرم علي ۽ زاهد ڀنڊ به ڪميٽي جو حصو هوندا نوٽيفڪيشن موجب 48 ڪلاڪن ۾ پنهنجو پهريون اجلاس منعقد ڪري رپورٽ جمع ڪرائيندي. ڪميٽي نوازشريف جي استقبال وارن سمورن تيارين جو پلان جوڙي چيف آرگنائيزر کي ڏيندي. ڪميٽي 21 آڪٽوبر تي ڪارڪنن کي سنڌ مان لاهور آڻڻ جا انتظام ڪندي. ڪميٽي 48 ڪلاڪن ۾ اجلاس ڪوٺائي پلان جوڙيندي. استقباليه ڪميٽي مسلم ليگ(ن) جي چيف آرگنائيزر مريم نواز جي هدايتن تي مڪمل عمل ڪرائڻ جي پابندي ڪرائيندي.