اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف سان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي ملاقات، آئيني ترميم بابت معاملن تي اتفاق

پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف سان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملاقات ڪئي آهي جنهن ۾ آئيني ترميم تي پڻ اتفاق ڪيو ويو آهي. نوازشريف سان ملاقات جي لاءِ بلاول ڀٽو پنجاب هائوس پهتو، اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف بلاول ڀٽو جي پهچڻ تي سندس استقبال ڪيو ويو. ٻنهي اڳواڻن ملڪ جي سياسي صورتحال تي پڻ ڳالهيون ڪيون. ملاقات ۾ عدالتي اصلاحات بابت آئيني ترميم جي معاملي تي پڻ مشاورت ڪئي وئي. آئيني ترميم پارليامينٽ ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو مشاورت سان ڪيو ويندو جڏهن ته تاريخ طئي ڪرڻ جو معاملو ٻنهي پارٽين ۽ ٻين سياسي پارٽين سان مشاورت کان پوءِ طئي ڪيو ويندو. صدر مسلم ليگ(ن) نوازشريف سان ملاقات ۾ مريم اورنگزيب، راڻا ثناءُالله، پرويز رشيد ۽ عرفان صديقي، احسن اقبال به موجود هئا. پيپلز پارٽي جي وفد ۾ يوسف رضا گيلاني، راجا پرويز اشرف، خورشيد شاهه، مرتضيٰ وهاب، مرتضيٰ جاويد عباسي، نويد قمر ۽ پلوشه خان به شريڪ ٿيا. نوازشريف اڄ رات سعودي وفد جي اعزاز ۾ ڏنل مانجهاندي ۾ پڻ شرڪت ڪندو.