اڳوڻي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي نااهلي بابت ڪيس جو فيصلو محفوظ

اليڪشن ڪميشن اڳوڻي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي نااهليت بابت ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي جي ۾ 5 رڪني بينچ عمران خان کي پارٽي جي عهدي تان هٽائڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن سلسلي ۾ عمران خان جو وڪيل شعيب شاهين اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيو شعيب شاهين پنهنجي دليلن ۾ چيو ته اسان انٽرا پارٽي چونڊن جو رڪارڊ اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي هاڻ هن ڪيس کي ختم ٿيڻ گهرجي. قانوني طور تي اهو معاملو ختم ٿي ويو ڇو ته پارٽي جو نئون چيئرمين مقرر ٿي ويو آهي. شعيب شاهين چيو ته جيڪڏهن اوهان هن ڪيس کي هلائڻ چاهيو ٿا ته اڪبر ايس بابر پٽيشن داخل ڪري رهيو آهي ان سان گڏ هلايو. جنهن تي چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته اوهان خالد محمود کي موقعو ڏئي رهيا آهيو ته اهو نئين چيئرمين خلاف به پٽيشن داخل ڪري درخواستگذار خالد محمود چيو ته اوهان آرڊر ۾ لکي ڏيو ته اڳوڻو پي ٽي آءِ چيئرمين سزا يافته آهي پارٽي جو ڪوبه عهدو نٿو رکي سگهي. چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته پي ٽي آءِ جو اڳوڻو چيئرمين اليڪشن وڙهيو ئي نه آهي ان لاءِ اسان ڪجهه نٿا چئي سگهون. اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ چيئرمين جي چونڊ بابت رڪارڊ گهري ورتو ۽ اڳوڻي چيئرمين جي نااهلي بابت محفوظ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي رڪارڊ جي روشني ۾ اڳوڻي چيئرمين عمران خان جي نااهلي بابت فيصلو ٻڌايو ويندو