اڳوڻي راولپنڊي جي ڪمشنر لياقت علي چٺه جي راولپنڊي جي 13 سيٽن تي چونڊ نتيجن ۾ ڌانڌلي جي الزامن کان پوءِ پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ مسلم ليگ(ن) آمهون سامهون اچي ويا آهن. جتي پي ٽي آءِ معاملي جي جوڊيشل جاچ جو مطالبو ڪيو آهي ته ٻئي طرف مسلم ليگ(ن الزامن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پي ٽي آءِ اڳواڻ بيرسٽر گوهر خان اڳوڻي راولپنڊي جي ڪمشنر جي الزامن تي اليڪشن ڪميشن کان انڪوائري رپورٽ سامهون آڻڻ تي عدالتي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي بيرسٽر گوهر چيو ته اڳوڻي راولپنڊي جي ڪمشنر پنهنجي ضمير جي آواز تي فيصلو ڪيو آهي. اهو اسان جي موقف جو تائيد آهي. پي ٽي آءِ انهي معاملي جي انڪوائري جو مطالبو ڪري ٿي. جيڪا رپورٽ هجي اها ٻيهر عوام جي سامهون آندي وڃي پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد اميدوار خرم شير زمان به راولپنڊي جي ڪمشنر لياقت علي چٺه جي مبينه ڌانڌلي جي حوالي سان انڪشاف تي فوري ڪارروائي جو مطالبو ڪندي گذارش ڪئي هئي ته جهڙي طرح راولپنڊي جي ڪمشنر پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. اهڙي طرح ڪراچي جي ڪمشنر به پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ڇو ته اهو ياد رکو ته انهن کي به جواب ڏيڻو آهي خرم شير زمان راولپنڊي جي ڪمشنر لياقت علي چٺه کي خراج تحسين پيش ڪندي ٻڌايو ته اڄ ڪمشنر ثابت ڪيو آهي ته هو هڪ سچو ۽ ايماندار انسان آهي ۽ سچو پاڪستاني آهي هن پنهنجي غلطي مڃي ۽ پنهنجو پاڻ کي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو جي يو آءِ(ف) سنڌ جي سيڪريٽري جنرل مولانا راشد محمود سومرو چيو آهي ته راولپنڊي جي اڳوڻي ڪمشنر ڌانڌلي جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا آهن. هن وقت جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو ملڪ جي لاءِ بهتر نه آهي ٻئي طرف مسلم ليگ(ن) اڳوڻي ڪمشنر جي الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته راولپنڊي جي ڪمشنر جو اليڪشن ڪميشن يا چونڊ عمل سان ڪوبه تعلق نه آهي. ملڪ احمد خان چيو ته ڪلهه کان ملڪ ۾ هڪ بي يقيني واري صورتحال آهي. ڪالهوڪي صورتحال کان پوءِ نفرت ۽ ڪوڙ جي خوفناڪ مهم هلائي پئي وڃي. الزام لڳائيندڙن کي جواب ڏيڻ اسان کي ايندو آهي پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي دفاع واري وزير خواجه آصف چيو ته ڪمشنر جو اليڪشن جي عمل سان ڪوبه تعلق نه هوندو آهي. اجايون ڳالهيون هلائي ملڪ ۾ عجيب وغريب ماحول پيدا ڪيو پيو وڃي. هن وقت ملڪ ڪنهن به اهڙي خطرناڪ صورتحال کي منهن نٿو ڏئي سگهي.