اڳوڻي ڪمشنر راولپنڊي جا الزام: اليڪشن ڪميشن جي جاچ ڪميٽي جو پهريون اجلاس اڄ ٿيندو

راولپنڊي جي اڳوڻي ڪمشنر لياقت علي چٺه جي الزامن جي جاچ لاءِ اليڪشن ڪميشن جي جاچ ڪميٽي جو پهريون اجلاس اڄ ٿيندو اجلاس جي سربراهي سينئر ميمبر اليڪشن ڪميشن نثار دراني ڪندو. جاچ ڪميٽي ٽي او آرز طئي ڪندي. ڪميٽي راولپنڊي جي ڊي آر اوز ۽ لاڳاپيل آر اوز جا بيان قلمبند ڪري 3 ڏينهن ۾ پنهنجي رپورٽ اليڪشن ڪميشن کي پيش ڪندي ڪميٽي جي رپورٽ اچڻ کان پوءِ راولپنڊي جي ڪمشنر خلاف توهين اليڪشن ڪميشن جي ڪارروائي ۽ قانوني ڪارروائي جي باري ۾ فيصلو ڪيو ويندو اي سي پي ترجمان چيو ته ڪميٽي ۾ سيڪريٽري، اسپيشل سيڪريٽري ۽ ايڊيشنل ڊي جي قانون شامل هوندا. ڪميٽي آر اوز ۽ ڊي آر اوز جا بيان رڪارڊ ڪري رپورٽ پيش ڪندي. رپورٽ جي روشني ۾ ڪمشنر خلاف توهين اليڪشن ڪميشن سميت ٻئي قانوني ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويندو. ان کان اڳ اي سي پي ترجمان راولپنڊي جي ڪمشنر جي الزامن کي رد ڪندي چيو ته ڪميشن جي ڪنهن به عهديدار نتيجا تبديل ڪرڻ لاءِ ڪمشنر راولپنڊي سان رابطو نه ڪيو هو ياد رهي ته لياقت علي چٺه گذريل ڏينهن چونڊ نتيجا تبديل ڪرڻ جو اعتراف ڪندي پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏنو هو.