“اینٽي بائيٽڪ دوائن جو استعمال ڪيترو نقصانده آهي؟”

پاڪستان ۾ اينٽي بائيٽڪ دوائن جو استعمال هر سال 7 لک ماڻهن کي جان کان هٿ ڌوڻڻ سبب بڻجي رهيو آهي، هن حوالي سان اي آر وائي نيوز جي پروگرام “باخبر سويرہ” ۾ اسسٽنٽ پروفيسر فيملي ميڊيسن ڊاڪٽر رابعه سعيد نے تفصيل سان ڳالهايو. هن ٻڌايو ته پاڪستان ۾ اينٽي بائيٽڪ دوائن جو غير ضروري استعمال خطرناڪ حد تائين وڌي چڪو آهي، جيئن هر دوا جا نقصانده اثرات ٿيندا آهن، تيئن ئي اينٽي بائيٽڪ دوائن جا به سائیڊ افيڪٽس ٿيندا آهن، جن مان الرجی ۽ ٻيا مسئلا پيدا ٿين ٿا. ڊاڪٽر رابعه سعيد ٻڌايو ته بيڪٽيريا ۽ انفڪشنز جي طرفان اينٽي بائيٽڪ دوائن خلاف مزاحمت 50 فيصد تائين وڌي چڪي آهي، يعني هاڻي انهن بيمارين تي اهي دوائون اثر انداز نٿيون ٿين. عالمي ادارو صحت جي مطابق 2019 ۾ اينٽي بائيٽڪ دوائن خلاف مزاحمت رکڻ وارن بيڪٽيريا سبب تقريباً 12.7 ملين يعني 12 لک ستر هزار ماڻهن جون سڌي ريت اموات ٿيون، جڏهن ته ان نتيجي ۾ تقريباً 50 لک ماڻهو اينٽي مائڪروبيئل ريزسٽنس جي پيچيدگين سبب فوت ٿي ويا. آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس جي رپورٽ مطابق دنيا جي 70 کان وڌيڪ ملڪن ۾ ٿيل تحقيق ۾ اينٽي بائيٽڪ دوائن جو استعمال وڌڻ جي حوالي سان پاڪستان، چين ۽ ڀارت کان پوءِ ٽئين نمبر تي آهي. پاڪستان دنيا جي انهن 5 ملڪن ۾ شامل آهي جتي 2019 دوران “اينٽي بيڪٽيريا مزاحمت” جي سبب سڀ کان وڌيڪ اموات ٿيون.