باجوڙ ۾ بم ڌماڪن جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪار سميت 2 ڄڻا مارجي ويا آهن. پوليس موجب باجوڙ جي تعلقي ماموند ۾ ٻن ڌار ڌار بم ڌماڪن ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا. پهريون بم ڌماڪو لوئي ماموند ٿاڻي واري حد ايراب ۾ ٿيو. جنهن ۾ ملڪ اصغر نالي شخص مارجي ويو.
پوليس اختيارين واقعي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته ٻيون ڌماڪو لوئي ماموند جي حد ۾ علائقي مينه خورڙ ۾ ٿيو جنهن ۾ پوليس اهلڪار احسان الله مارجي ويو.
ٻنهي واقعن کان پوءِ پوليس شاهديون گڏ ڪرڻ کان پوءِ علائقي جي ناڪابندي ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. بم ڌماڪن جي واقعن جي حوالي سان اڃان تائين ڪنهن به ذميواري قبول نه ڪئي آهي.
ڊي پي او وقاص رفيق ٻڌايو ته ڇنڇر جي صبح ضلعي باجوڙ جي تعلقي ماموند ۾ 2 ڌار ڌار بم ڌماڪن ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا آهن. ڊي پي او موجب واقعي کان پوءِ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.