بارشون ڪيترو وقت ٿينديون؟

پنجاب : جي مختلف ضلعن ۾ مون سون جي برساتن جو موجوده سلسلو 7 آگسٽ تائين جاري رهندو، جنهن دوران ڪجهه هنڌن تي هلڪي برسات جو امڪان آهي پي ڊي ايم اي پنجاب ۾ برساتن جي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته صوبي جي مختلف ضلعن ۾ مون سون جو جاري اسپيل 7 آگسٽ تائين جاري رهندو، ڪجهه هنڌن تي تيز برسات جو به امڪان آهي، جڏهن ته علائقن ۾ ٻوڏ جي صورتحال آهي مسلسل برساتن سبب نديون وهن ٿيون پي ڊي ايم اي موجب راوي درياهه ۾ سڌنائي وٽ هيٺين سطح جي ٻوڏ آهي جتي پاڻي جو وهڪرو 52040 ڪيوسڪ ۽ اخراج 36840 ڪيوسڪ آهي ستلج وٽ سليمان ڪي ۽ هيڊ اسلام وٽ هيٺانهين ٻوڏ جي سطح آهي ۽ پاڻي جي سطح ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي سليمانڪي وٽ پاڻي جي آمد 76035 ۽ ڊسچارج 62877 ڪيوسڪ جڏهن ته هيڊ اسلام وٽ پاڻي جي آمد 66643 ۽ ڊسچارج 65743 ڪيوسڪ آهي جهلم درياءَ ۾ منگلا وٽ اونڌي سطح جي ٻوڏ جو خطرو آهي، ڊي جي پي ڊي ايم اي لاڳاپيل انتظاميا کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي آهي.