ڪوئٽه: بارکان مان بازياب ٿيل خان محمد مري جي گهر ڀاتين جي ساڻس ملاقات ڪرائي وئي آهي. پوليس اختيارين موجب ڪوئٽه پهچڻ تي خان محمد مري جي سندس گهر ڀاتين سان ملاقات ڪرائي وئي. خان محمد مري ۽ سندس گهر ڀاتي هن وقت پوليس جي تحويل ۾ آهن.پوليس اختيارين موجب بازياب عورت ۽ ٻارن کي جوڊِشل مئجسٽريٽ 12 جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. جتي انهن جا مئجسٽريٽ جي آڏو بيان قلمبند ڪيا ويندا.پوليس موجب بازياب ٿيندڙن جا ڊي اين اي ۽ جنسي زيادتي جي حوالي سان سيمپل ورتا ويندا. قانوني گهرجون پوريون ٿيڻ کان پوءِ بازياب ٿيل ماڻهن کي خان محمد مري جي حوالي ڪيو ويندو.