بجلي اگهن ۾ واڌ جو امڪان

ڪي اليڪٽرڪ بجلي جي اگهن ۾ وڌيڪ جي درخواست نيپرا ۾ جمع ڪرائي ڇڏي.ڪي اليڪٽرڪ طرفان ٽه ماهي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾بجلي في يونٽ 3 رپيا 2 پئسا مهانگي ڪرڻ درخواست جمع ڪرائي وئي آهي.درخواست ۾ نيپرا کان في يونٽ قيمت ۾ واڌ جي استدعا ڪئي وئي آهي، درخواست 19 آڪٽوبر تي ٻڌڻي ٿيندي ۽ منظوري جي صورت ۾ ڪي اليڪٽرڪ صارفين تي 35 ڪروڙ 75 لک رپين جو اضافي ٻوجهه پوندو.